مورو (ويب ڊيسڪ) موري جي عدالت موبائل فون نيٽورڪ جي بندش خلاف اهم فيصلو ڏيندي موبائيل سروس فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
فرسٽ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ مدد علي کوسو جي عدالت ۾ موبائيل فون نيٽورڪ جي بندش بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران موبائيل نيٽ ورڪ جي بندش بابت لاڳاپيل عملدارن پنهنجا جواب داخل ڪيا، پر عدالت طرفان جوابن کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت حڪم ڏيندي چيو ته موبائيل فون نيٽورڪ فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته لاڳاپيل ڌرين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
عدالت جو چوڻ هو ته شهري بنيادي رابطي جي سهولت کان محروم رهيا آهن، جيڪا آئيني ۽ شهري حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
واضح رهي ته موري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومپرستن جي احتجاج دوران پوليس ۽ قومي ڪارڪنن ۾ چڪرين دوران ٻن نوجوانن جي شهادت کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي ۽ شهر ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند ڪيو ويو هو.