بابر اعظم بنگلاديش خلاف سيريز مان نيڪالي ملڻ کانپوءِ مداحن سان وڙهي پيو، وڊيو وائرل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز مان ٻاهر ٿيڻ کان پوءِ روڊ تي نوجوان مداحن سان اٽڪي پيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بابر اعظم روڊ جي وچ ۾ ڪجهه مداحن سان بحث ڪري رهيو آهي.
وڊيو ۾ بابر اعظم جي چوڌاري مداح موجود آهن، جتي ڪرڪيٽر سخت لهجي ۾ ڳالهائي رهيو آهي، پر تڪرار ڪهڙي ڳالهه تي ٿيو آهي، اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو.
وڊيو ۾ بابر اعظم کي هڪ مداح کي ڌڪو ڏيندي رش مان نڪرندي پنهنجي گاڏي ڏانهن ويندي ڏسي سگهجي ٿو.
هي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي، مداحن طرفان ڪرڪيٽر تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي دوري دوران خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو هو، جڏهن ته بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به کيس موقعو نه ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.