اسرائيل جو فرانسيسي صدر تي يهودي رياست خلاف صليبي جنگ جاري رکڻ جو الزام

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حڪومت فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون تي يهودي رياست خلاف صليبي جنگ جاري رکڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو.
. اسرائيلي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فرانسيسي صدر جي يهودي رياست خلاف صليبي جنگ جاري آهي، ميڪرون کي حقيقتن سان ڪائي دلچسپي نه آهي.
اسرائيلي پرڏيهي کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي جي ناڪابندي نه آهي ۽ امداد پهچائڻ لاءِ اسرائيل سهولت فراهم ڪري رهيو آهي.
اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس تي دٻاءُ وجهڻ بدران ميڪرون کين فلسطيني رياست جو انعام ڏيڻ چاهي ٿو ۽ اسرائيل تي پابنديون لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي بچاءُ واري وزير چيو آهي ته اسان فلسطين جي اولهندي ڪناري يهودي اسرائيلي رياست قائم ڪنداسين، صدر ميڪرون ۽ سندس ساٿين لاءِ اسان جو پيغام واضح آهي ته هو فلسطين کي ڪاغذ جي ٽڪري تي تسليم ڪندا ۽ اسان هتي زمين تي اسرائيلي رياست قائم ڪنداسين.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن فرانسيسي صدر ميڪرون چيو هو ته هو فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ حمايت ڪري سگهي ٿو ۽ غزا ۾ انساني امدادي صورتحال بهتر نه ٿي ته فرانس اسرائيلي آبادڪارن تي پابنديون مڙهي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.