ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول پمپن تي پيٽرول ۽ ڊيزل چوريءَ جي روڪٿام لاءِ وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي. .
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سوئي سدرن جي آفيس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيٽروليم وزارت پيٽرول پمپن تي چوري ۽ سمگلنگ روڪڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت پمپن تي پيٽرول ڀرڻ واري نوزلز کي ڊجيٽل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهريلو گئس ڪنيڪشنز لاءِ هو وزيراعظم کي درخواست ڪندو، مقامي گئس موجود ناهي، نوان گهريلو ڪنيڪشن امپورٽڊ گئس تي ٿي سگهن ٿا.
علي پرويز ملڪ چيو ته بجلي گهر ايل اين جي خريداري ناهن ڪري رهيا، ايل اين جي نه خريدڻ سبب 400 ايم ايم سي ايف ڊي مقامي گئس جي فراهمي بند ڪرڻي پئي، پي ڊي ايل وڌائي وئي، پر هن وقت پيٽروليم جي قيمتن تي ان جو ڪو اثر ناهي.
You might also like