مريم نواز جو پٽ ٻيهر لانئون لهڻ لاءِ تيار، ڪنوار ۽ شادي بابت تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزير اعليٰ وزير مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي ٻي شادي لاءِ رشتو طئي ٿي ويو آهي، جنهن بابت پارٽي ذريعن کان اهم تفصيل سامهون آيا آهن.
ذريعن موجب، جنيد صفدر هن ڀيري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سئوٽ جاويد شفيع جي پوٽيءَ سان شادي ڪرڻ وارو آهي، ڪنوار جاويد شفيع جي پٽ عثمان جاويد شفيع جي نياڻي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جنيد صفدر جي شادي جون تقريبون هلندڙ سال نومبر يا ڊسمبر مهيني ۾ رٿيل آهن، جڏهن ته سندس رشتي بابت ڳالهيون هڪ مهينو اڳ شروع ٿيون هيون.
ياد رهي ته ان کان اڳ جنيد صفدر سال 2021ع ۾ اڳوڻي سينيٽر سيف الرحمان جي نياڻي عائشه سيف سان شادي ڪئي هئي، پر آڪٽوبر 2023ع ۾ ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي وئي هئي.
جنيد صفدر برطانيا مان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن وقت لاهور ۾ رهائش پذير آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.