” جيءُ آ ته جهان آ“ وسيم اڪرم پنهنجي فٽنيس جو راز ٻڌائي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم چيو آهي ته پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ روز ورزش ڪندو آهيان، جيءُ آ ته جهان آ، سوشل ميڊيا تي صحت ۽ فٽنيس جي وڊيوز جو مقصد نئين نسل کي صحت بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ هوندو آهي.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان چيو ته هن کي ريويوز ۽ ويوز سان ڪو فرق نٿو پوي، جانورن وانگر ماني کائڻ بدران پاڻ کي انسان سمجهي صحتمند خوراڪ کي ترجيح ڏيندو آهيان.
وسيم اڪرم چيو ته ڪڏهن توهان اِهو نه ٻڌو آهي ته ڪو انسان گهٽ کائڻ سبب سبب مري ويو، جيڪڏهن توهان 25 نان کائي آهلي پوندئو ته صبح جو زنده ڪيئن اُٿندئو؟.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.