ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان جو ڪيس عالمي سطح تي پيش ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي ۽ هو آمريڪا ۽ يورپ جي دورن دوران ڀارتي جارحيت کي دنيا اڳيان وائکو ڪندو.
ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو پاڪستان جي نمائندگي ڪندي عالمي فورمن تي ڀارتي جارحيت ۽ خطي ۾ ان جي پاليسين بابت دنيا کي آگاهه ڪندو.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت دل جي بيمارين جي ٻن ادارن ۽ انتظام هيٺ اسپتالن لاءِ پنجويهه ارب روپيا مختص ڪيا آهن، ڪي ايم سي ڪيتريون سال اڳ سنڌ حڪومت جي فنڊنگ سان هڪ اسپتال ٺاهڻ شروع ڪئي هئي.
صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي قدمن بابت ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ صحت جون سهولتون بهتر بڻايون ويون آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت واري شعبي ۾ وڌيڪ بهتري آندي آهي ۽ اسان ڳالهيون نه پر ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، سنڌ جون اسپتالون دنيا جي وڏين اسپتالن سان مقابلو ڪري سگهن ٿيون.
وڏي وزير اهو پڻ چيو ته نوجوانن ۾ دل جي بيمارين وارن ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ دل جي مرض جي علاج لاءِ به بهترين سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته ڪي ايم سي ڪجهه سال اڳ اسپتال جو ڪم شروع ڪيو، پر مڪمل نه ٿي سگهي، پوءِ سنڌ حڪومت ايس آءِ سي وي ڊي سان ڳالهيون ڪيون ۽ ساڳي اسپتال صرف اٺن مهينن ۾ مڪمل ٿي وئي، جنهن ۾ عالمي معيار جون صحت جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته اسپتال ۾ ڪيترائي مريض بلوچستان سميت ٻين صوبن مان به ايندا آهن ۽ سنڌ حڪومت جي صحت جي سهولتن مان ملڪ جا مختلف حصا لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن.
بلاول کي پاڪستان جو ڪيس وڙهڻ ۽ ڀارتي جارحيت کي دنيا آڏو وائکو ڪرڻ جي ذميواري ملي آهي: وڏو وزير
You might also like