پاڪستان جو ڪرپٽو ڪرنسي نه ٺاهڻ واري موقف تان يوٽرن، بٽ ڪوائن ريزرو قائم ڪرڻ جو فيصلو

لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) ڪرپٽو ڪرنسي ڪائونسل جي سربراهه بلال بن ثاقب چيو آهي ته پاڪستان پنهنجو پراڻو موقف تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڪرپٽو ڪرنسي کي قانوني طور تسليم ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي.
آمريڪي شهر لاس ويگاس ۾ بِٽ ڪوائن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلال بن ثاقب ٻڌايو ته پاڪستان فيبروري ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ ۽ ڪرپٽو ڪرنسين جي ضابطن جي لاءِ “نيشنل ڪرپٽو ڪائونسل” جوڙي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت آمريڪا جي پاليسين جي پيروي ڪندي ”بِٽ ڪوائن اسٽريٽيجڪ ريزرو” قائم ڪري رهي آهي.
هن وضاحت ڪئي ته پاڪستان ڪرپٽو ريگوليٽري پاليسين کي اختيار ڪري رهيو آهي ۽ هڪ گڏيل ريگوليٽري فريم ورڪ جي ترقي لاءِ نيشنل ڪرپٽو ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا عالمي معيارن جي پيروي ڪندي پاليسين جوڙڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.