آمريڪا جو چيني شاگردن جو ويزائون رد ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا چيني شاگردن جون ويزائون رد ڪرڻ وارو عمل شروع ڪري رهيو آهي.
مارڪو روبيو پنهنجي ايڪس (ٽوئٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جن چيني شاگردن جون ويزائون رد ڪيون وينديون انهن ۾ اُهي شاگرد به شامل آهن جن جو واسطو چيني ڪميونسٽ پارٽي سان آهي يا جيڪي حساس ۽ اهم تعليمي شعبن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
روبيو ججو چوڻ هو ته مستقبل ۾ چين ۽ هانگ ڪانگ مان ويزا لاءِ اپلاءِ ڪندڙن جي دستاويزن جو وڌيڪ سختيءَ سان جائزو ورتو ويندو
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيو آهي.
انگن اکرن موجب، گذريل سال لڳ ڀڳ 2 لک 80 هزار چيني شاگرد آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا هئا، آمريڪي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ پرڏيهي شاگردن ۾ سڀ هڪ وڏو انگ چيني شاگردن جو هوندو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انگن اکرن موجب، ڪورونا وبا کانپوءِ لاڳو ٿيل پابندين ۽ آمريڪا-چين لاڳاپن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب، ويجهڙائي وارن سالن ۾ چيني شاگردن جو انگ نمايان حد تائين گهٽجي ويو آهي.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرئين دور به آمريڪي حڪومت طرفان پرڏيهي شاگردن جي ويزا تي پابنديون مڙهيون ويون هيون، سفارتي هدايتن تحت آمريڪي سفارتخانن کي چيو ويو هو ته ويزا جي خواهشمند شاگردن لاءِ وڌيڪ اپوائنٽمينٽ جاري نه ڪيون وڃن، جڏهن ته اڳواٽ طئي ٿيل اپوائنٽمينٽ معمول موجب جاري رهنديون.
ان کانسواءِ پرڏيهي شاگردن جي سوشل ميڊيا پروفائلز جي ڇنڊ ڇاڻ جو دائرو وڌائڻ جو به حڪم ڏنو ويو هو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي هڪ ياداشت ۾ چيو هو ته شاگردن جي ويزا درخواستن تي ”ضروري سوشل ميڊيا اسڪريننگ ۽ جاچ“ جو پروگرام وڌايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.