ڀارتي پرڏيهي پاليسي ناڪام، پاڪستان خلاف ڪنهن ملڪ ساٿ نه ڏنو: راهول گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي مودي سرڪار تي تنقيد ڪندي ان جي پرڏيهي پاليسي کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، راهول گانڌي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار تي ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي.
راهول گانڌي سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر کان سوال ڪيو آهي ته پاڪستان خلاف ڪنهن ملڪ ساٿ ڇو نه ڏنو؟
هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير کي ٻڌائڻ گهرجي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ ڪنهن چيو هو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.