عالمي ڊيٽا ليڪ ۾ گوگل، فيس بڪ، ايپل سميت وڏين ڪمپنين جا واهپيدار متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته انسٽاگرام، سنيپ چيٽ ۽ سرڪاري پورٽلز جي معلومات پڻ چوري ڪئي وئي آهي.
انفو اسٽيلر ميلويئر ذريعي واهپيادرن جي اڪائونٽس جي ڊيٽا چوري ڪئي وئي، جنهن تي نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي رسپانس ٽيم طرفان هدايتي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني واهپيدارن ترت پنهنجن اڪائونٽن جا پاسورڊ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ايڊوائزري موجب، ڊيٽا ليڪ سبب سڃاڻپ جي چوري، اڪائونٽ هيڪنگ ۽ رينسم ويئر حملا ٿي سگهن ٿا، سرڪاري ادارا ۽ مالي اڪائونٽس پڻ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.
واهپيدارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي اڪائونٽس ۾ Two-factor authentication فعال ڪن.
پاڪستاني واهپيدارن کي پاسورڊ مئنيجر استعمال ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پاسورڊ ڪڏهن به اي ميل يا غير محفوظ فائل ۾ محفوظ نه ڪيو وڃي.
ان کانسواءِ واهپيدارن کي اينٽي وائرس ۽ سيڪيورٽي سافٽ ويئر اپڊيٽ رکڻ ۽ غير معمولي لاگ ان سرگرمين تي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.