فلسطين مسئلي تي پاڪستان جو ڪردار ۽ موقف ساراهه جوڳو آهي: ايراني سپريم ليڊر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي، فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي واڌاري ۽ گڏيل سهڪار تي زور ڏنو آهي.
سومر ڏينهن وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ۽ سندس وفد تهران ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سان ملاقات ڪئي.
ايران جي سپريم ليڊر مسلم دنيا ۾ پاڪستان جي خاص ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان کي گڏجي غزا ۾ صهيوني حڪومت کي ظلمن کان روڪڻ گهرجي.
ملاقات کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ آيت الله علي خامنه اي چيو ته فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي.
هن چيو ته مسلم ملڪن کي اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ هميشه مشورا ڏنا ويندا آهن،پر اهڙا مشورا پاڪستان کي ڪڏهن به متاثر ناهن ڪري سگهيا.
هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪجهه اسلامي ملڪ صهيوني حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهن، آيت الله خامنه اي چيو ته ايران ۽ پاڪستان گڏجي اسلامي دنيا ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ فلسطين جي مسئلي کي صحيح رخ ڏئي سگهن ٿا.
ايران جي سپريم ليڊر چيو ته هو مسلم دنيا جي مستقبل بابت پراميد آهي ۽ ڪيئي اهڙيون اڳڀرايون ٿيون آهن، جيڪي اميدن کي سگهه ڏين ٿيون.
آيت الله خامنه اي پنهنجي بيان ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ گهٽجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي.
عالمي صورتحال جو حوالو ڏيندي آيت الله خامنه اي چيو ته جڏهن دنيا ۾ تڪرار ۽ وڙڇ کي هوا ڏني پئي وڃي، اهڙي وقت ۾ اسلامي ملڪن جو اتحاد ئي سلامتي جو اهم ذريعو آهي.
آيت الله خامنه اي ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان گڏجي اقتصادي سهڪار تنظيم (اي سي او ) کي ٻيهر فعال ڪرڻ گهرجي.
پاڪ-ايران تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي آيت الله خامنه اي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سدائين ڀائراڻه لاڳاپا رهيا آهن.
آيت الله خامنه اي چيو ته هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ سهڪار اميدن کان گهٽ آهي، پر مختلف شعبن ۾ سهڪار ذريعي لاڳاپن کي ڊيگهه ۽ ڏئي سگهجي ٿي، خاص طور تي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي شعبي ۾.
واضح رهي ته ملاقات دوران ايران جي صدر مسعود پزشڪيان به موجود هو، جڏهن ته پاڪستان جي وفد ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ شامل هئا.
ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڪ-ايران لاڳاپن کي اعليٰ سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان انهن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سهڪار جي حد تائين وڌائڻ چاهي ٿو.
غزا جي صورتحال بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته افسوس آهي ته عالمي برادري غزا ۾ تباهي کي روڪڻ لاءِ ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو. هن ايران جي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ واري هاڪاري ڪردار جي به واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني ۽ علامه اقبال جي شاعري سان سندس دلچسپي جي به تعريف ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.