ٻارن کي حج تي وٺي وڃڻ تي بندش، سبب سامهون اچي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب هن سال به حج جي حوالي سان اهم فيصلو ڪندي ٻارن جي داخلا تي پابندي برقرار رکي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، اهو فيصلو فيبروري 2025ع ۾ سامهون آيو هو، جنهن تي هن سال به عملدرآمد جاري آهي.
سعودي حج ۽ عمري واري وزارت جو چوڻ آهي ته اِها پابندي حج دوران وڌندڙ هجوم جي کي نظر ۾ رکندي ٻارن جي حفاظت لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته هن سال پاڪستان کي 10 هزار واڌو حج ڪوٽا ملڻ باوجود نجي حج اسڪيم جا 67 هزار پانڌيئڙا حج سعادت کان محروم رهجي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.