بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ملازمن جي بحاليءَ وارو معاملو، عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ فنڊ (بي آءِ ايس پي) جي برطرف ملازمن جي بحالي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ملازمن کي مشروط طور تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ملازمن کي ان الزام تحت برطرف ڪيو ويو ته هنن پنهنجي مائٽن کي فنڊ مان فائدو پهچايو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته انهن پنهنجن اختياري حدن کان ٻاهر نڪري ڪنهن کي به غيرقانوني فائدو نه ڏنو.
عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ملازمن جي بحالي کانپوءِ، ضابطن موجب سندن خلاف جاچ ڪئي ويندي، جاچ 3 مهينن جي عرصي اندر مڪمل ڪئي ويندي جڏهن ته ان دوران پگهار بحال نه ڪئي ويندي.
عدالت چيو ته جيڪڏهن جاچ 3 مهينن اندر مڪمل نه ٿي ته پگهار جي ادائيگي شروع ٿي ويندي.
وڪيل چيو ته قانون ۾ اهڙي ڪا به پابندي ناهي، مستحق مائٽن کي آمدني سپورٽ ڪارڊ جاري نٿا ڪري سگهجن، درخواست ڏيندڙن جي برطرفي کان اڳ صحيح نموني جاچ نه ڪئي وئي.
هن ٻڏايو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ به اهڙن ملازمن کي بحال ڪيو آهي، تنهنڪري درخواست ڏيندڙن کي بحال ڪيو وڃي، ان کانسواءِ درخواست ڏيندڙن جي وڪيل طرفان جاچ جي آڇ واري تجويز تي سرڪاري وڪلين اتفاق ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.