سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ٿي رهي آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسيمبلي ميمبرن جو سنڌ ها۽ ڪورٽ کان ريلي ڪڍي اليڪشن ڪميشن آڏو مبينا مينڊٽ چوري خلاف احتجاج ڪيو ويو.
حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ فارم 45 مطابق اليڪشن کٽندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسيمبلي ميمبرن پاران اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ڪيو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سنڌ ها۽ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس وٽ يادائشت نامو به جمع ڪرائي ڇڏيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسان جي مخصوص سيٽن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گرمي جي موڪلن کان پهريان اسان جو مينڊٽ کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته دليا کي آزاد هئڻ گهرجي، سليڪٽڊ ججن ذريعي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جو احتجاج عدليا کي آزاد ڪرائڻ لا۽ آهي.
هن چيوته اسان جا پنج وڪيل کٽيل ايم اين ايز آهن، اسان جي مينڊٽ جي کسڻ جو زميدار اليڪشن ڪميشن آهي، اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان سميت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.