تهران(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پرامن مقصدن لاءِ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪري ٿو، ڪشمير ۽ پاڻي جي مسئلي سميت سمورا تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، واپار ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ڀارت سان به ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون۔ تهران ۾ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ايران کي اسين پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا، ايران جي صدر سان تعميري ۽ فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ سهڪار جي سڀني پهلوئن تي ڳالهايو ويو۔ هن چيو ته گڏيل ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڀائيچاري ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سڀني شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، ۽ ان لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ته ڪجهه هفتا اڳ هن مون سان فون تي رابطو ڪيو ۽ خطي جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ ڀائيچاري جذبات جو اظهار ڪيو، ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي ته هي بحران سنگين ٿيڻ کان اڳ ختم ٿيڻ گھرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله پاڪ جي فضل سان پاڪستان، پنهنجي بهادر فوج ۽ عوام جي بي مثال حمايت سان، انهي بحران مان ڪاميابيءَ سان ٻاهر نڪري آيو، اسين خطي ۾ امن چاهيون ٿا اڳ به امن چاهيوسين، ۽ امن لاءِ ڳالهين ذريعي ڪوششون جاري رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسين ڪشمير ۽ پاڻي جي مسئلي سميت سمورا تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ۽ واپار ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي به ڀارت سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، پر جيڪڏهن ڀارت جارحاڻو رويو برقرار رکي ٿو ته پوءِ اسين پنهنجي ڌرتيءَ جو بچاءُ ڪنداسين جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ الله پاڪ جي مدد سان ڪيوسين. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي امن جي آڇ قبول ڪري ٿو ته پوءِ اسين ڏيکاري سگهون ٿا ته اسين سنجيدگيءَ سان امن چاهيون ٿا۔ هن چيو ته اسين غزه ۾ جاري ظلم جي سخت مذمت ڪريون ٿا، جتي 50 هزار کان وڌيڪ مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن، هي وقت آهي جو عالمي برادري غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ پنهنجو اثر استعمال ڪري، شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو عوام پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ آهي. ۽ پاڪستان عوامي ۽ پرامن مقصدن لاءِ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪري ٿو۔ هن چيو ته اڄ اسان جي تمام مفيد ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهندو، ان دوران، ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو ته مان وزيراعظم شهباز شريف ۽ انهن جي ساٿين کي ڀليڪار چوان ٿو، ٻنهي ملڪن جا صدين کان پراڻا ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن. ايراني صدر چيو ته وزيراعظم شهباز ۽ سندن وفد سان ڳالهه ٻولهه ۾ سياست، معيشت، بين الاقوامي لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهايو ويو. ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو ته اسين سمجهون ٿا ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل سرحد تي ڪا به دهشتگردي يا ڏوهي سرگرمي نه ٿيڻ گهرجي، ۽ ان لاءِ سرحدي علائقن ۾ سهڪار وڌائڻ ضروري آهي، هن چيو ته اسين پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪريون ٿا، ڇو ته اختلافن جو حل ڳالهين ذريعي ئي علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ ضروري آهي. ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڏکڻ ايشيا جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ اڄ امن جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ آهي، ۽ ان لاءِ پاڙيسري ملڪن سان ۽ عالمي سطح تي مثبت مشاورت ۽ رابطا ضروري آهن. هن چيو ته او آءِ سي جا رڪن هجڻ جي حيثيت سان فلسطين بابت ٻنهي ملڪن جو موقف ساڳيو آهي، اسين فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ سڀني اسلامي ملڪن تي زور ڀريون ٿا ته هو عملي طور تي فلسطين جي حمايت ڪن. ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو ته فلسطين ۾ هلندڙ نسل ڪشي تي عالمي برادري جي خاموشي هڪ سواليا نشان آهي. ايراني صدر وڌيڪ چيو ته مان اميد ڪريان ٿو ته پاڪستان جي وزيراعظم جي ايران جي دوري جا حوصلا افزا نتيجا نڪرندا۔