ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان خلاف سازشن جي نتيجي ۾ پراڪسيز کي سرگرم ڪيو ويو آهي، پابندي پيل تنظيم جسمم جي اڳواڻ شفيع برفت، جيڪو هڪ عرصي کان پاڪستان کان ٻاهر آهي، مورو باءِ پاس تي احتجاج جو سڏ ڏنو. شفيع برفت سنڌ ۾ ريلوي جي پٽڙين کي نقصان پهچائڻ کان وٺي اسان جي دوست ملڪن جي مهمانن کي نشانو بڻائڻ تائين ڪيترن ئي واقعن جي ذميواري قبول ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پوليس پوري ڪوشش ڪئي ته احتجاج پرامن طريقي سان ختم ٿئي. پوليس اهلڪارن وٽ ڪو به باهه وارو هٿيار نه هو، صرف ڏنڊا هئا. احتجاج ۾ ڪجهه نقاب پوش ڏنڊا کڻندڙ به شامل هئا، جن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، فائرنگ ڪئي، جنهن سبب اٺ پوليس اهلڪار ۽ ٻه مظاهراچي زخمي ٿيا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته احتجاج دوران پوليس تي تشدد ڪيو ويو، ڪجهه ماڻهن وٽ ڌماڪيدار مواد پٺيءَ تي ٽنگيل ٿيلهيءَ ۾ موجود هو، انهن انهي مواد سان آئل ٽينڪر کي باهه ڏني ۽ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر کي به ساڙي ڇڏيو. اهو اهڙو آتشي مواد هو، جنهن سان گهر جون ڀتيون به سڙي ويون. شرپسندن انهي ڪيميائي مواد سان گهر ۾ گهڙي باهه لڳائي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان وٽ اهڙيون وڊيوز موجود آهن جن ۾ اهي چون ٿا ته "چلو چلو، لنجار هائوس چلو”، اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي نه سنڌي نه سرائڪي، پر ڪا ٻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. مظاهرين وٽ جديد هٿيار هئا، جن مان لڳو پئي ته اهي غير ملڪي آهن. سينيئر وزير ميڊيا کي گهر کي ساڙڻ جي وڊيو ڏيکاري ۽ چيو ته اهڙي باهه آتشي ڪيميائي مواد کانسواءِ لڳي ئي نٿي سگهي. جڏهن مظاهرين فائرنگ ڪئي ته جلوس ۾ شامل ٻن ماڻهن کي گولي لڳي. اسپتال ۾ به هنگامه ٿيو ۽ پوليس سان به تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته پوليس مظاهرين کي چيو ته فوت ٿيل ماڻهن جا لاش وارثن حوالي ڪريو، پر انهن انڪار ڪيو. سوشل ميڊيا تي ڪوڙو بيانيو ڏنو ويو ته پوليس لاش کڻي وئي آهي. پوليس بار بار چيو ته لاش وٺو، پر انهن نه مڃيو. قومپرست اڳواڻن به چيو ته دفن ڪيو، پر انهن نه مڃيو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي به چيو ويو ته حمايت ڪريو، پر هن چيو ته توهان پرتشدد سياست پيا ڪريو، اسان اهڙي سياست نٿا ڪري سگهون. شرجيل ميمڻ چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙو بيانيو ڏنو ويو ته حڪومت لاش نٿي ڏئي. وڪيلن جو وفد به ويو، پر مظاهرين چيو ته جيتوڻيڪ مهينو لڳي، پر اسان تدفين نه ڪنداسين، جيستائين آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي کي نه هٽايو وڃي. مذهبي عالمن جو وفد به ويو، پر لاش دفن نه ڪيا ويا. پوءِ اهي پاڻ عدالت ويا ۽ چيو ته پوليس لاش گم ڪري ڇڏيو آهي. عدالت قانوني ڪارروائي بعد فيصلو ڏنو ته جيڪڏهن وارث لاش وٺڻ کان انڪار ڪن ته ايس ايس پي نوشهروفيروز کي هدايت ڪئي وڃي ته ڪنهن سماجي تنظيم جي مدد سان لاش دفن ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ پيچيدگين کان بچي سگهجي. هن چيو ته عدالتي حڪم بعد 10 کان 12 ڪلاڪ لاش رکيو ويو. ڊاڪٽرن ايم ايل او ڪرڻ بعد چيو ته لاش فوراً دفن ڪيو وڃي، جنهن بعد سماجي تنظيم ذريعي لاش دفن ڪيو ويو. سڄي معاملي کي ڀارت ۾ وڏي پذيرائي ملي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ سياسي جماعت آهي، جيڪا سڀني سياسي جماعتن جو احترام ڪري ٿي، اختلاف راءِ هوندو آهي، پر جنهن تنظيم اهو سب ڪجهه ڪيو، اها سياسي جماعت ناهي. اهي نوجوانن کي هٿيار ڏئي گمراهه ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن شفيع برفت پنهنجي قوم سان مخلص آهي ته هو پاڪستان اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مورو واري واقعي جو مقصد اهو هو ته اهو عالمي خبر بڻجي. ڊاڪٽر قادر مگسي هڪ تجربيڪار سياستدان آهن، ممڪن آهي ته هن سوشل ميڊيا جي خبرن تي احتجاج جو سڏ ڏنو هجي ته پوليس لاش نه پئي ڏئي. منهنجي گذارش آهي ته هو احتجاج جو سڏ واپس وٺي