آگرا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وومين ڪرڪيٽر ۽ يوپي پوليس جي ڊي ايس پي ديپتي شرما سان سندس دوست ۽ مقامي پليئر آروشي گوئل طرفان 25 لک رپين کان وڌيڪ جو فراڊ ڪرڻ سميت سندس فليٽ مان سون ۽ چاندي جي زيورن سان گڏ ٻه لک رپين جي پرڏيهي ڪرنسي به ٻهاري وئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي وومين ڪرڪيٽر ديپتي شرما طرفان پنهنجي اڳوڻي ساٿي رانديگرياڻي آروشي گوئل تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن نه رڳو مالي فراڊ ڪيو پر سندس آگرا واري فليٽ ۾ گهڙي قيمتي سامان به چوري ڪري وئي.
ديپتي جي ڀاءُ سمت شرما طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آروشي جيڪا يوپي جي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي پڻ ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت آگرا ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي جونيئر ڪلارڪ طور مقرر آهي، ديپتي سان دوستيءَ جو فائدو وٺي ساڻس فراڊ ڪيو.
ايف آءِ آر موجب، ٻن سالن دوران آروشي ۽ سندس والدين طرفان خانداني مسئلن جو حوالو ڏئي ديپتي کان 25 لک رپين کان وڌيڪ رقم ورتي وئي، پر بعد ۾ پيسا واپس ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ويو.
ديپتي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته آروشي 22 اپريل تي ديپتي جي فليٽ ۾ زبردستي گهڙي تالو مٽايو ۽ زيورن سان گڏ اٽڪل ٻه لک رپين جي رقم کڻي فرار ٿي وئي.
ٻئي پاسي مقامي ميڊيا طرفان جڏهن آروشي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن معاملي تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.