ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي سريلنڪا کي به ڳڻتي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي کانپوءِ سري لنڪا ۾ به ڀارت سان ٿيل معاهدن بابت ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي.
سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته ڏهاڪن کان ناقابلِ تنقيد سمجهي ويندڙ سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ٻين معاهدن بابت به غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.
هڪ پرڏيهي رسالي جي رپورٽ موجب، سري لنڪا هن وقت ڀارت سان ڪيترن ئي معاهدن تي ڳالهين ۾ رڌل آهي، جن ۾ هڪ قومي بجلي گريڊ کي جوڙڻ ۽ ٻيو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زميني پل تعمير ڪرڻ جو منصوبا شامل آهن.
گڏيل قومن ۾ سري لنڪا جي اڳوڻي سفير ديان جياٽليڪا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدي جهڙو اهم معاهدو معطل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ سريلنڪا طرفان ڀارت سان بجلي ۽ ٻارڻ بابت معاهدا ڪرڻ بيوقوفي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.