” جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ گِل جي دِل ٽوڙيندڙ سارا سان بالي ووڊ اداڪار به لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪرڪيٽ جي ديوتا سمجهي ويندڙ سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ سارا ٽنڊولڪر، ڀارتي اوپنر شُبمن گل سان مبينا لاڳاپا ختم ٿيڻ کانپوءِ هاڻي بالي ووڊ اداڪار سڌانت چيتر ويدي سان به پنهنجي رشتو ختم ڪري ڇڏيو آهي.
گذريل ڪجهه سالن کان افواهه گردش ڪري رهيا هئا سارا ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر شُڀمَن گل جي وچ ۾ ويجهڙائپ آهي، خاص طور تي جڏهن شُڀمَن گجرات ٽائيٽنز جي ڪپتاني ڪري رهيو هو، پر ٻنهي شخصيتن طرفان ڪڏهن به پنهنجي لاڳاپي جي تصديق نه ياد ترديد نه ڪئي وئي هئي.
تازو ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سارا ٽنڊولڪر جا بالي ووڊ اداڪارسڌانت چيتر ويدي سان رومانوي لاڳاپا هئا، پر هاڻ ٻنهي ۾ بريڪ اپ ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته سارا ۽ سڌانت جي وچ ۾ ويجهڙائپ جون خبرون ان وقت سامهون آيون جڏهن ٻنهي کي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڪيترين ئي عوامي تقريبن ۾ گڏ ڏٺو ويو.
فلم فيئر ميگزين به پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکيو هوته سارا، سڌانت کي ڊيٽ ڪري رهي آهي ۽ هڪ ويجهي دوست پڻ ان جي تصديق ڪئي هئي.
پر هاڻي ڀارتي ميڊيا ۾ اِهي خبرون هلي رهيون آهن ته سڌانت چيتر ويدي سارا سان پنهنجو رشتو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ جو ڪو ڪارڻ ظاهر ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.