ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سان ڊائريا جي مرض ۾ اضافو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سان ڊائريا جي مرض ۾ واڌ ٿي وئي.
پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر وسيم جمالوي موجب سرڪاري اسپتالن ۾ روز ڪيترائي ڊائريا جا مريض آندا پيا وڃن ۽ ڊائريا سان سڀ کان وڌيڪ ٻار متاثر ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته گدلو پاڻي ۽ غير معياري کاڌو ڊائريا جو سڀ کان وڏو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته ڊائريا سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري حياتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر وسيم جمالوي شهرين کي هدايت ڪئي ته اهي اٻريل پاڻي پيئن ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوئين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.