حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياھه تي اڏجندڙ 6 ڪئنالن واري منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مورو ۾ مظاهرين تي ٿيل پوليس جي بي رحماڻي ڪريڪ ڊائون، فائرنگ، نوجوان جي شهيد ٿيڻ ۽ ڌرڻي تي پوليس پاران شيلنگ واري واقعي جي حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ بدين ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، اڄ خميس جي ڏينهن عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي، بار ايسوسيئيشنز پاران ان ڏس ۾ الڳ الڳ پريس رليزون به جاري ڪيون ويون آهن، هوڏانهن ميمبر سنڌ بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو ھاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مورو ۾ پرامن مظاهرين تي ٿيل پوليس پاران بي رحماڻي ڪريڪ ڊائون، فائرنگ ۽ وارثن پاران مقتول نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هڻڻ تان پوليس جي هڪ ڀيرو ٻيهر شيلنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي، ظلم ۽ جبر جون سڀ ڪارروايون بند ڪيون وڃن، تشدد جا ذميوار ماڻهو جوابده بڻايا وڃن ۽ متاثر ٿيل برادرين سان بامعنيٰ ڳالهيون شروع ڪيون وڃن، حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته جبر سان مسئلا حل نٿا ٿين، صرف شفافيت، انصاف ۽ جمهوريت جي اصولن جو احترام ئي منصفاڻي حل جو رستو کولي سگهي ٿو، ٻئي طرف حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ اشعر مجيد کوکر، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مسعود رسول بابر ميمڻ، ڄامشورو ضلعي بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ واجد خاصخيلي، بدين بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امير آزاد پنهور پاران مورو واقعي جي مذمت ڪندي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته تشدد ۽ تباهي جا منظم واقعا سنڌ جي ماڻهن جي جائز ۽ پرامن جدوجهد خلاف هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي، ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف هلندڙ پرامن عوامي مزاحمت خلاف حڪومت سازش ڪئي آهي، پر هي جدوجهد ختم ناهي ٿيڻي. پوليس ۽ حڪومت جو عمل انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙي ۽ جمهوريت پسندي تي وحشياڻو حملو آهي. پرتشدد رويو شهرين جي پرامن احتجاج جي حق کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي، اهي منصوبا، جيڪي سنڌ جي ماڻهن طرفان وڏي پيماني تي رد ڪيا ويا آهن، صوبي جي زمين، پاڻي جي وسيلن ۽ زرعي خودمختياري لاءِ خطرو آهن. وڪيل اڳواڻن اڄ خميس جي ڏينھن تي ھاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عدالتن ۾ مڪمل هڙتال جو پڻ اعلان ڪيو آهي.