گوگل سرچ ۾ 25 سالن کانپوءِ سڀ کان ڦيرڦار، ڇا ڇا تبديل ٿيندو؟

سال 2023ع ۾ گوگل اعلان ڪيو هو ته هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) سرچ انجڻ جو مستقبل هوندي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته ڪمپني طرفان ان کي عملي جامو پهرائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
گوگل هن وقت چيٽ جي پي ٽي جهڙين خدمتن سان سخت مقابلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي انٽرنيٽ سرچ جي ميدان ۾ گوگل لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهن.
گوگل جو اي آءِ اوور ويُو واهپيدارن کي پسند نه آيو، جنهن سبب ڪمپني گوگل سرچ ۾ گذريل 25 سالن جي سڀ کان وڏي تبديلي آڻي رهي آهي، نئين تبديليءَ جو اعلان گوگل جي سالياني ڊويلپر ڪانفرنس دوران ڪيو ويو.

اي آءِ موڊ کي باضابطا طور متعارف ڪرائڻ جو اعلان
اي آءِ موڊ کي آمريڪا ۾ واهپيدارن لاءِ باضابطه طور تي متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ملڪن بابت ڪمپني في الحال ڪا به اڳڀرائي ظاهر ناهي ڪئي.
گوگل جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ واهپيدار ويب تي گوگل سرچ ۾ اي آءِ موڊ کي هڪ نئين ٽيب ۽ گوگل ايپ جي سرچ بار ۾ ڏسي سگهندا.

ڊيپ سرچ اي آءِ موڊ
اي آءِ چيٽ بوٽس، جهڙوڪ چيٽ جي پي ٽي ۾ ڊيپ ريسرچ موڊ نالي فيچر موجود آهي، جيڪو ڊگهن تحقيقي منصوبن ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.
هاڻي گوگل سرچ ۾ به ان سان ملندڙ جلندڙ فيچر ڊيپ سرچ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو ايندڙ مهينن ۾ محدود واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.
ڊيپ سرچ ذريعي واهپيدار ڪنهن به موضوع تي حوالن سميت گڏيل تحقيقي رپورٽ ڪجهه منٽن اندر تيار ڪري سگهندا.

سرچ لائيو
هن وقت گوگل لينس ذريعي واهپيدار پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول بابت گوگل کان سوال پڇي سگهن ٿا، پر هاڻي پروجيڪٽ آسٽرا کي گوگل سرچ جو حصو بڻايو پيو وڃي ته جيئن واهپيدار پنهنجي اسمارٽ فون ڪئمرا استعمال ڪري ريئل ٽائيم ۾ سوال پڇي سگهن.
هي فيچر به شروعاتي طور محدود واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.

اي آءِ اوور ويُو هاڻي پوري دنيا لاءِ
اي آءِ اوور ويُو فيچر اڳ ئي مختلف ملڪن ۾ موجود هو، پر هاڻي ڪمپني طرفان ان کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، يعني هاڻي اهو گوگل سرچ جو هڪ لازمي حصو بڻجڻ وارو آهي.

گوگل شاپنگ ۾ اي آءِ جو واڌارو
آڪٽوبر 2024ع ۾ گوگل، سرچ شاپنگ ٽيب ۾ ڪيترين ئي تبديلي آڻڻ کانپو هاڻي انهن فيچرز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اي آءِ موڊ جي مدد سان نوان فيچر متعارف ڪرائي رهيو آهي.
واهپيدار ورچوئل ٽراءِ آن فيچر ذريعي پنهنجي تصوير اپلوڊ ڪري پاڻ کي نون ڪپڙن ۾ ڏسي سگهندا ۽ فيصلو ڪري سگهندا ته اِهو لباس سندن لاءِ موزون آهن يا نه.
ان کانسواءِ هڪ نئون اي آءِ فيچر مارڪيٽ ۾ موجود شين جي قيمتن تي نظر رکندو ۽ واهپيدارن کي ان وقت اطلاع ڏيندو جڏهن قيمتون گهٽجن يا وڌن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.