اسڪول بس تي وحشياڻو حملو ڀارت ڪرايو، ذميوارن کي انجام تي پهچايو ويندو: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته دهشتگرد ڀارت پنهنجي ايجنٽن ذريعي بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ اسڪولي ٻارن جي بس تي بزدلاڻو ۽ وحشياڻو حملو ڪرايو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خضدار ۾ اڄ هڪ بزدلاڻي ۽ وحشياڻي حملي ۾ اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن جي بس کي نشانو بڻايو ويو، اهو حملو ڀارت جهڙي دهشتگرد رياست رٿابندي تحت پنهنجي ايجنٽن ذريعي ڪرايو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته واقعي ۾ 3 معصوم ٻار ۽ ٻه نوجوان شهيد، جڏهن ته ڪيترائي ٻار زخمي ٿيا آهن، آپريشن ”بنيان مرصوص“ ۾ شرمناڪ ناڪامي کانپوءِ ڀارت پنهنجي انهن دهشتگرد نيٽ ورڪس کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ شهرين کي نشانو بڻائي سگهجي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ ڪيل ان بزدلاڻي حملي جي منصوباسازن، سهولتڪارن ۽ حملي آورن کي انجام تي پهچايو ويندو، ڀارت جي ان مڪروهه چهري کي دنيا سامهون وائکو ڪيو ويندو، پاڪ فوج سڄي قوم جي حمايت سان ڀارتي سرپرستي ۾ ڪئي ويندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.