ڄامشورو( پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽”سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ“ جي ڪنوينر سيد زين شاهه مورو ۾ قومي ڪارڪنن تي پوليس ۽ خانگي هٿياربندن جي مبينا تشدد، گولين ۽ هڪ نوجوان جي شھادت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد وارثن سان ڏک جو اظهار ڪندي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
سيد زين شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار جي بدلي سنڌ جي ملڪيت، سمنڊ، زمينن، معدني وسيلن ۽ سنڌو درياءَ جو پاڻي وڪڻي ڇڏيو آهي، جنهن خلاف سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پرامن سياسي جدوجهد جاري آهي.
هن چيو ته لکين ماڻهو رستن تي نڪري زرداري مافيا جي سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪري چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي حڪومت هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر 2021ع ۾ بحريا ٽائون جي پرامن احتجاج خلاف ڪيل تشدد واري حرڪت کي ورجائيندي مورو شهر ۾ به ساڳئي نموني ڀڃ ڊاهه، باهيون ۽ جڙتو ڪيسن جو ناٽڪ رچايو آهي، جيڪو رياستي آپريشن ذريعي سياسي جدوجهد کي ڇيڀاٽڻ جي سازش آهي.
زين شاهه چيو ته سنڌ ۾ گذريل ڏهن مهينن کان زمينن ۽ ڪئنالن تي قبضي خلاف پرامن جدوجهد هلي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به گروهه جي پرتشدد سياست جو حصو نه بڻجندي
اسان سياست ۾ عدم تشدد جا پيروڪار آهيون ۽ هر قسم جي رياستي دهشتگردي ۽ خانگي گروپن جي هٿان ٿيندڙ تشدد جي مخالفت ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهڙين حرڪتن مان سنڌ کي وڪرو ڪندڙ قوتون فائدو حاصل ڪن ٿيون.
سيد زين شاهه مطالبو ڪيو ته مورو واري واقعي جي ايماندار جج کان عدالتي جاچ ڪرائي، ملوث ماڻهن کي سزا ڏني وڃي.
هن واضح ڪيو ته سنڌو درياءُ ۽ سنڌ جي وسيلن جي بچاءَ لاءِ پرامن سياسي جدوجهد نتيجن جي حاصلات تائين جاري رهندي.
ايس يو پي طرفان موري ۾ قومي ڪارڪنن تي رياستي تشدد جي مذمت، واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو
You might also like