لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيادت آل رائونڊر سلمان علي آغا ڪندو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
بنگلاديش خلاف اعلانيل 16 رڪني اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا ( ڪپتان) شاداب خان (نائب ڪپتان)، ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، محمد عرفان خان شامل آهن.
ان کانسواءِ خوشدل شاهه، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر)، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان (وڪيٽ ڪيپر) ۽ صائم ايوب به اسڪواڊ جو حصو آهن.
اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي، عبدالصمد، جهان داد خان، عباس آفريدي، محمد علي، عمير بن يوسف، سفيان مقيم ۽ عثمان خان کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي.
بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان، بابر ۽ رضوان نظرانداز، شاهين به ڊراپ
You might also like