پاڪستان-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز جو شيڊيول پڌرو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.
پي سي بي جي ترجمان موجب، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 28 مئي تي کيڏي ويندي.
پي سي بي موجب، ٻئي ٽيمون ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 30 مئي تي دوبدو ٿينديون جڏهن ته ٽِين ۽ آخري ميچ آچر ڏينهن پهرين جون تي تي کيڏي ويندي.
سيريز جون ٽئي ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.