آءِ سي سي ويورشپ جا هڙئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا
دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 عالمي سطح تي ويورشپ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ايونٽ کي مجموعي طور تي 368 بلين منٽن تائين ڏٺو ويو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) موجب، 2025ع ۾ ٿيل چيمپيئنز ٽرافي 2017ع جي ڀيٽ ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ ويورشپ حاصل ڪئي.
آءِ سي سي موجب، چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو فائنل ٽورنامينٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ ميچ هئي، جيڪا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏي چاهه سان ڏٺي وئي.
پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ويورشپ جا هڙئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا
You might also like