خضدار۾ اسڪول بس تي حملو، ٽن شاگردياڻين سميت پنج ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

خضدار (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زيرو پوائنٽ جي ويجهو اسڪول ويندڙ شاگردن جي بس کي ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن شاگردياڻين سميت پنج ڄڻا شهيد، جڏهن ته ڪيترائي ٻار زخمي ٿي پيا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، خضدار ۾ ٿيل دهشتگرد حملو هڪ بزدلاڻو عمل آهي، جنهن ۾ اسڪول جي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حملي جي رٿابندي ڀارت اندر ڪئي وئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڀارتي پراڪسيز ان کي عملي جامو پهرايو..
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت، ميدان تي بار بار ناڪامي کانپوءِ هاڻي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، شهيد شاگردياڻين ۾ ڇهين درجي جي ثانيا سومرو، ستين جماعت جي حفظه ڪوثر ۽ ڏهين درجي جي عائشه سليم شامل آهن، ڌماڪي ۾ بس جو ڊرائيور ۽ هيلپر پڻ شهيد ٿيا. زخمين کي فوري طور اسپتال نيو ويو.
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڄ بزدل دهشتگردن خضدار ۾ اسڪول بس تي ڪار بم حملي ذريعي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو آهي، زخمين کي ايئرلفٽ ذريعي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي پراڪسيز خاص طور تي ڪالعدم تنظيمون بي ايل اي ۽ بي ايل ايف ڀارت جي چرچ تي بيگناهه ٻارن کي نشانو بڻائي رهيون آهن، اڄوڪي حملي ۾ ملوث هر دهشتگرد کي چونڊي چونڊي جهنم ڀيڙو ڪيو ويندو.
هوڏانهن سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جي انتظاميا موجب، حملي جا 14 زخمي جن ۾ هڪ عورت، هڪ مرد ۽ 12 ٻار شامل آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.