ڀارت سان ڪشمير، پاڻي، دهشتگردي ۽ واپار تي ڳالهيون ٿينديون: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت سان جڏهن به ڳالهيون ٿيون ته ڪشمير ۽ پاڻي سميت 4 اهم نڪتن تي ٿينديون.
اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنگ ۾ هڪ کٽيندو آهي ته ٻيو هارائيندو آهي، جنگ مستقل حل ناهي، ڊگهو امن ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي.
هن چيو ته جنگ دوران اسرائيل ڀارت جي ڀرپور مدد ڪئي، سرينگر ۽ ٻين جاين تي ڀارت اسرائيلي هٿيار استعمال ڪيا، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جڏهن به دهشتگردي بابت ڳالهيون ٿيون ته ٻنهي ملڪن جا قومي سلامتي جا صلاحڪار ڪندا، ڀارت اڃا تائين ٽئين ملڪ ۾ گفتگو لاءِ راضي ناهي ٿيو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت سان ڳالهين ۾ پاڪستان جا 4 اهم نڪتا شامل هوندا، ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي تي ڳالهيون ٿينديون، ٽئين ملڪ ۾ ڳالهين جو فيصلو سٺو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.