موري ۾ ڪئنالن ۽ زمينن تي والار خلاف احتجاج، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون، ٻه ڄڻا زخمي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

مورو (ويب ڊيسڪ) موري ۾ ڪئنال منصوبي ۽ زمينن تي والار خلاف ٿيل احتجاج دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واقعي کان پوءِ مڇريل ماڻهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار جي گهر تي حملو ڪري گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.
موري ۾ موري ۾ ڪئنال منصوبي ۽ زمينن تي والار خلاف ٿيل احتجاج دوران احتجاج ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس پُرامن مظاهري تي فائرنگ ڪئي، جيڪو افسوسناڪ ۽ غيرقانوني عمل آهي.
واقعي کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ مڇريل ماڻهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار جي گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ان کانپوءِ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.