پهرين شادي جي ناڪامي ۾ نه مڙس جي غلطي هئي نه منهنجي، ڪڏهن ڪڏهن قسمت به خراب هوندي آهي: منشا پاشا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا منشا پاشا چيو آهي ته ٻي شادي کانپوءِ مڙس کان ڌار جا افواهه گردش ڪندا رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ به اهڙيون ئي خبرون ڦهلايون ويون هيون ته اسان ٻئي الڳ ٿي ويا آهيون.
ويجهڙ ۾ اداڪارا احمد علي بٽ جي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار وينڊيا، پروگرام دوران هن پنهنجي خاندان، ننڍپڻ ۽ پهرين شادي بابت پڻ ٻڌايو.
منشا چيو ته هن سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو ۽ شروعاتي تعليم پڻ اتي ئي پرائي.
پروگرام دوران هن اعتراف ڪيو ته عدنان صديقي ئي کيس شو بزنس ۾ آندو ۽ هو کيس غير ضروري بيان ڏيڻ کان روڪيندو آهي.
پوڊڪاسٽ ۾ عورتن جي حقن بابت سوال تي منشا پاشا چيو ته هاڻي هوءَ عورتن جي حقن بابت کلي ڳالهائيندي آهي ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ به هاڻي گهڻيون ڳالهيون سمجهي چڪي آهي، جڏهن ته اڳ کيس خبر نه هئي.
منشا چيو ته پنهنجي پهرين شادي جي ناڪاميءَ مان هن گهڻو ڪجهه سکيو ۽ هن ۾ ذهني پختگي به آئي، جنهن سبب هوءَ هاڻي عورتن جي حقن بابت کلي ڳالهائي ٿي.
اداڪارا اهو به مڃيو ته هن پنهنجي پهرين شادي گهڻي ننڍي عمر ۾ ڪئي، جيڪا گهڻو وقت تائين نه هلي سگهي ۽ شادي جي ناڪاميءَ جو ذميوار نه سندس اڳوڻو مڙس آهي نه هوءَ پاڻ پر قسمت جا ڪجهه فيصلا به خراب هوندا آهن.
هن پنهنجي پهرين شادي کي پنهنجي غلطي قرار ڏنو ۽ چيو ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ هن جو پنهنجو فيصلو هو، والدين ڪڏهن به ان لاءِ مجبور نه ڪيو، پر پهرين شادي جي ناڪاميءَ کانپوءِ هن گهڻو ڪجهه سکيو ۽ ذهني طور مضبوط بڻي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جبران ناصر شادي کانپوءِ هن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياڻو ٿي چڪو آهي ۽ اڪثر معاملن ۾ سنجيدگيءَ سان فيصلو ڪندو آهي.
منشا پاشا دعويٰ ڪيو ته گهر ۾ سندس مقابلي ۾ سندس مڙس جون ڳالهيون يا حڪم وڌيڪ مڃيا ويندا آهن.
ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي منشا چيو ته شادي کان پوءِ سندس ۽ مڙس سان عليحدگيءَ جون افواهون پکيڙيون ويون ۽ وقت به وقت اهڙيون خبرون ڦهلايون وينديون آهن جيڪي نسورو ڪوڙ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.