نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پاڪستان لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ مشهور ڀارتي يوٽيوبر کي گرفتار ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب مشهور ٽريول وي لاگر جيوتي ملهوترا کي هريانه جي شهر حسار مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
جيوتي ”ٽريول ود جو“ جي نالي سان چينل هلائيندي آهي، جنهن جا ساڍا 3 لک کان وڌيڪ سبسڪرائيبر آهن، جڏهن ته هوءَ انسٽاگرام تي به گهڻي مشهور آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جيوتي ملهوترا ماضي ۾ ٻه ڀيرا پاڪستان جو سفر به ڪري چڪي آهي، جڏهن ته جيوتي سان گڏ ٻيا 5 ماڻهو به پاڪستان لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن.
Prev Post
You might also like