لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) جيمز بانڊ سيريز ۾ ڏهه سالن تائين شاندار اداڪاري پيش ڪندڙ مشهور اداڪار جو ڊان بيڪر 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
فلم ۽ ٽي وي جي شعبي سان واڳيل باصلاحيت اداڪار جو ڊان بيڪر 2012ع ۾ پنهنجي فلم ”مڊ“ جي رليز سان گڏ ئي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
جو ڊان بيڪر کي ”واڪنگ ٽال“ فلم ۽ 1987ع کان 1997ع جي جيمز بانڊ سيريز جي ٽن فلمن ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري ذريعي شهرت ماڻي.
هو 1936ع ۾ ڄائو ۽ پنهنجي 47 سالن جي فني سفر دوران وڏي پردي تي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جو ڊان بيڪر پنهنجي مداحن لاءِ هڪ يادگار ورثو ڇڏي ويو آهي.
You might also like