جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي دٻاءَ کانپوءِ ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ شامل پنهنجي رانديگرن کي پوري ٽورنامينٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا طرفان اهو اعلان ڪيو ويو هو ته آءِ پي ايل کيڏندڙ پروٽيز رانديگرن کي 26 مئي تائين وطن واپس اچي، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي) جي تيارين ۾ حصو وٺڻو پوندو، پر هاڻي رانديگرن کي 3 جون تائين آءِ پي ايل کيڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي.
ان کان اڳ ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا جي ڊائريڪٽر اينوڪ اينڪوي چيو هو ته آهي ته بي سي سي آءِ ۽ آءِ پي ايل جي فرنچائزز کي واضح نموني ٻڌايو ويو آهي ته قومي ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي تياري ڪري رهي آهي، تنهنڪري رانديگرن لاءِ وقت سر رپورٽ ڪرڻ لازمي آهي.
هاڻي پنهنيج تازي بيان ۾ اينوڪ اينڪوي پنهنجو موقف تبديل ڪندي چيو آهي ته”اهو فيصلو اعليٰ سطحي رابطن ۽ مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آهي، ڏکڻ آفريڪي ٽيم 3 جون کان ٽريننگ شروع ڪندي ۽ آءِ پي ايل ۾ شامل رانديگر ان تاريخ تي ٽيم کي جوائن ڪندا.“
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا شروعاتي طور آءِ پي ايل ۾ شامل رانديگرن کي 25 مئي تائين اين او سي جاري ڪئي هئي.
ياد رهي ته ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل 11 جون تي لارڊز جي تاريخي ميدان تي کيڏيو ويندو.