ڪراچي (شوبز ڊيسڪ ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارن جاويد شيخ ۽ بهروز سبزواري ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي پاڪ فوج کي خراج پيش ڪيو آهي.
سينيئر اداڪار بهروز سبزواري هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”ڀارت جي شڪست ۽ پاڪستان جي ڪاميابي تي سڄي قوم کي واڌايون هجن، پاڪ فوج دل خوش ڪري ڇڏيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي سئنما ۾ ته گهڻو دم آهي، پر لڳي ٿو ته ڀارتي سياستدان، فوجي ۽ اداڪار سڀ فلمي دنيا ۾ ئي رهن ٿا، جڏهن ته پاڪ فوج کين اصل حقيقت ڏيکاري ڇڏي.
پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ ٻئي سينئر اداڪار جاويد شيخ چيو ته ”ڪافي وقت کان قوم کي گڏ ڪرڻ جي ڪوششون ٿي رهيون هيون، هاڻي اها ساڃاهه قوم ۾ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ڀارت پاڪستان کي گهٽ سمجهيو ۽ بلوچستان سان گڏ گلگت بلتستان تي به نظر رکي ويٺو هو.“
جاويد شيخ وڌيڪ چيو ته ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارت هڪ وڏي طاقت آهي، پر الله جو شڪر آهي جو هن وقت اسان تي ڪرم ٿيو، اسان پنهنجي پاڪ فوج ۽ چين جي مدد تي کيس سلام پيش ڪريون ٿا.“
هن اهو پڻ چيو ته ”ڀارت سان هن مقابلي ۾ اسلام جي سر بلندي ٿي آهي، ڀارت سان گڏ اسرائيل ۽ ان جي ٽيڪنالاجي به پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا هئا، پر پاڪستان انهن کي شڪست ڏئي سڀني مسلمان ملڪن کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي.“