ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان سمن انصاري پنهنجي شادي شده زندگي بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ انٽرويوءَ دوران سمن انصاري ٻڌايو ته سندس پهرين شادي 16 سال هلي، پر مڙس طرفان طلاق ڏيڻ کان ستت پوءِ ٻي شادي ڪئي وئي.
هن چيو ته مڙس جي جلدي ٻي شادي ڪرڻ منهنجي شڪ کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ لڳو ته سندس انهيءَ عورت سان اڳ ئي لاڳاپا هئا.
اداڪارا سوال ڪيو ته ” جڏهن هڪ مرد لاءِ هڪ زال کي خوش رکڻ ڏکيو آهي ته پوءِ هو ٻي زال کي ڪيئن سنڀالي سگهندو؟“
هڪ سوال جي جواب ۾ هن صلاح ڏني ته مرد کي گهرجي ته پهرين شادي وقت ئي نڪاح ۾ لکي ڏئي ته ڇا هو ٻي شادي ڪندو يا نه ته جيئن معاملو واضح هجي.
سمن انصاري جو چوڻ هو ته ٻي شادي جو فيصلو مڙس ۽ پهرين زال جي پاڻ ۾ صلاح مشوري ۽ اتفاق سان ٿيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪيترين ئي عورتن کي مرد جي ٻي يا وڌيڪ شادين سان ڪو خاص اعتراض نه هوندو آهي.
سمن انصاري پنهنجي ٻي شادي بابت ٻڌائيندي چيو ته”طلاق کانپوءِ مون کي ٻار به سنڀالڻا هئا ۽ پنهنجي ڪيريئر تي به ڌيان ڏيڻ ضروري هو، تنهن ڪري ان وقت ٻي شادي جو خيال ئي نه آيو.“
پر هن چيو ته ”جڏهن حالتون بهتر ٿيون ته مون ٻيهر شادي ڪئي، ڇو ته سماج ۾ عورت لاءِ اڪيلو رهڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي.“