پي ايس ايل 10 جي رهيل ميچن جو شيڊيول جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جون رهيل ميچن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، جيڪي 17 کان 25 مئي تائين کيڏيون وينديون.
جاري ڪيل شيڊيول موجب، 17 مئي تي راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
شيڊيول موجب، 18 مئي تي راولپنڊي ۾ ٻه ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي وچ ۾، جڏهن ته ٻي ميچ شام جو لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ٿيندي.
ان کانسواءِ 19 مئي تي ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
شيڊيول تحت21 مئي تي پهريون ڪواليفائر قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته پهريون ايليمينيٽر 22 مئي ۽ ٻيو ڪواليفائر 23 مئي تي ٿيندو.
پي ايس ايل 10 جو فائنل مقابلو 25 مئي تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
پي سي بي موجب، ميچن لاءِ ٽڪيٽن بابت اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.