ڇا توهان کي به ڏاڪڻيون چڙهڻ وقت ساهه منجهڻ يا سهڪڻ واري ڪيفيت ٿيندي آهي؟ يا توهان کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي؟
جيڪڏهن ائين آهي ته اهو جسم جي ڪنهن لڪل بيماري جو اشارو به ٿي سگهي ٿو.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مخصوص حالتن ۾ ساھ جو تيز ٿيڻ جسم جو هڪ عام ردعمل هوندو آهي، جيئن سخت ورزش دوران ساھ کڻڻ جي رفتار وڌي وڃي ٿي اهو ان لاءِ ته جيئن رت ۾ آڪسيجن جي مقدار وڌي سگهي.
پر جيڪڏهن اهڙن ڪم دوران ساھ جو ڏکيو ٿيڻ شروع ٿي وڃي جن ۾ اڳ ڪڏهن به مسئلو نه ٿيندو هو، جيئن ڏاڪڻيون چڙهڻ دوران، ته اهو جسم جي اندر لڪل ڪنهن بيماريءَ جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو.
خاص طور تي جيڪڏهن ڏاڪڻيون چڙهندي هر دفعي ساھ ڏکيو کڄي ته اها ضرور خطري جي علامت آهي، ڇو ته ڪو به ڪم روز روز ڪرڻ سان جسم ان جو عادي ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري صحتمند ماڻهن کي روزانو ڏاڪڻيون چڙهندي ساھ منجهڻ جو مسئلو محسوس نه ٿيڻ گهرجي.
ڦڦڙن جا مسئلا
تنفس واري نظام کي ڦڦڙن، دماغ ۽ سينيءَ جي عضون جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن جسم مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري سگهي ۽ رت کي آڪسيجن مهيا ڪري سگهي.
هن نظام کي پهچندڙ ڪنهن به نقصان سان ساھ منجهڻ جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، جيئن ڦڦڙن جي سوڄ يا رڪاوٽ سان ساھ وڌيڪ کڄڻ لڳندو آهي.
دل جي رڳن جا مسئلا
دل جون رڳون ڦڦڙن سميت سڄي جسم کي رت فراهم ڪن ٿيون ۽ انهن کي نقصان پهچڻ سان به ساھ منجهڻ جو مسئلو ٿي سگهي ٿو.
جسماني وزن جو وڌي وڃڻ
جسماني وزن وڌڻ سان به ڏاڪڻيون چڙهڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو ۽ ان سان ساھ جلدي منجهندو آهي.
جسماني ڦڙتي جي کوٽ
جيڪڏهن اوهان گهڻو وقت ويهي گذارڻ جا عادي آهيو ته معمولي ڪم سان به توهان جو ساهه وڌڻ لڳندو آهي.
جيتوڻيڪ جسماني ڦڙتي بهتر بنائڻ سان ان مسئلي تي سولائيءَ سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
رت جي کوٽ
جسم ۾ رت جي کوٽ سبب به ٿڪاوٽ، ساھ جو وڏو ٿيڻ ۽ سيني ۾ تڪليف جهڙيون علامتون سامهون اچي سگهن ٿيون.
عام طور تي آئرن جي کوٽ سبب رت جي کوٽ ٿئي ٿي، ۽ جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪرايو وڃي ته دل جي بيمارين جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
سهڪو
سهڪي جي مريضن جو ساھ به ڏاڪڻيون چڙهندي ڏاڍو ٿي ويندو آهي۔
گردن ۽ جگر جا مرض
گردن ۽ جگر جي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جو ساھ به ڏاڪڻيون چڙهندي وڌيڪ کڄندو آهي.
انڪري جيڪڏهن توهان کي به ڏاڪڻيون چڙهندڙ ساهه جي تڪليف محسوس ٿئي ٿي ته ڄاڻايل شين جو احتياط ڪري پاڻ کي خطرن کان بچايو ته بهتر رهندو.