ڀارتي اڏامن لاءِ پاڪستاني هوائي حدن جي بندش سبب اڃا تائين ڀارتي ايئر لائنز جون هزارين اڏامون رد يا دير جو شڪار ٿي رهيون آهن.
ڀارتي اڏامن لاءِ پاڪستان جي هوائي حد کي بند ٿيندي اڄ 19هون ڏينهن آهي، ۽ گذريل 18 ڏينهن دوران 2 هزار ڀارتي اڏامون بندش سبب متاثر ٿيون آهن.
ذريعن موجب ڀارتي ايئر لائنز کي انهن 18 ڏينهن ۾ 400 ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي، ڇو ته ڊگها هوائي رستا اختيار ڪرڻ سبب ڀارتي ايئر لائنز کي پيٽرول ۽ ٻين خرچن ۾ واڌارو ڀوڳڻو پيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته امرتسر، نئين دهلي، ممبئي، احمدآباد ۽ ٻين شهرن مان نڪرندڙ اڏامن کي روزانو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.
ٻنهي ملڪن ۾ جنگ بندي جي باوجود ڀارت جا 24 ايئرپورٽ اڄ به غيرفعال آهن، سڀني جهازن کي به هٽايو ويو آهي. جڏهن ته اڄ 444 اڏامون رد ٿيون آهن.
رپورٽ موجب 7 ڏينهن کان بند سرينگر ايئرپورٽ تان روز 65 اڏامون رد ٿين ٿيون، جڏهن ته لداخ جي ليه ڪوشڪ ايئرپورٽ جون اڄ به سڀ 30 اڏامون رد ڪيون ويون. ڄمون ايئرپورٽ جون به 30 اڏامون رد ٿيون آهن ۽ سڀئي جهاز هينگر مان هٽايا ويا آهن.