فوجي هيلي ڪاپٽر تباهه، 6 اعليٰ آفيسر اجل جو شڪار

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سري لنڪا ۾ هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حادثي جو شڪار ٿيل ”بيل 212“ هيلي ڪاپٽر ۾ ڪُل 12 ماڻهو سوار هئا، جيڪو مادورو اويا جي آبي ذخيري ۾ ڪِري تباهه ٿيو.
رپورٽ موجب، فوت ٿيندڙن ۾ سري لنڪن اسپيشل فورسز ۽ ايئر فورس جا اهلڪار شامل آهن، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.
سري لنڪن هوائي فوج جي ترجمان موجب ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ هيلي ڪاپٽر ”پاسنگ آئوٽ پريڊ“ جي مشق لاءِ وڃي رهيو هو.
ميڊيا رپورٽ موب، سريلنڪن اختيارن طرفان حادثي جا ڪارڻ اڃا تائين نه ڄاڻايا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.