” جنگ مسئلن جو حل ناهي“ محبوبه مفتي جي پاڪ-ڀارت اڳواڻن کي حملا روڪڻ جي اپيل

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي پاڪستان ۽ ڀارت جي اڳواڻن کان جنگبندي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته ” مان پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن کي اپيل ڪريان ٿي ته هو حملا بند ڪن، فون تي رابطو ۽ تڪرار جو سياسي حل ڪڍن.“
محبوبه مفتي چيو ته فوجي ڪارروايون ڪنهن به بنيادي مسئلي جو حل نه آهن، جنهن سان ڪڏهن مسئلا حل ٿيندا نه امن ايندو.
هن وڌيڪ چيو ته ”ڀارت کي پلواما حملي جي جواب ۾ بالا ڪوٽ حملي مان ڇا حاصل ٿيو؟ تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي فوجي مداخلت بدران سياسي مداخلت جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.