اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله هڪ اهم پاليسي بيان ڏيندي چيو آهي ته دنيا کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن ڀارت وڌيڪ ڪجهه نه ڪندو ته پاڪستان به ڪجهه نه ڪندو.پنهنجي بيان ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته ڀارت حملو ڪيو ۽ پاڪستان واعدي مطابق ڀرپور جواب ڏنو. هاڻي ڀارت جي طرفان جيڪڏهن ڪا وڌيڪ ڪارروائي نه ٿيندي ته پاڪستان به پنهنجي ردعمل کان پاسو ڪندو، ڇو ته اسين هڪ ذميوار رياست آهيون.هن چيو ته شروعات ڀارت ڪئي هئي، پاڪستان نه، ۽ اسان رڳو پنهنجي دفاع ۾ جواب ڏنو. هاڻي جيڪڏهن ڀارت خاموش رهندو ته اسين به خاموش رهنداسين.رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا کي ٻيهر آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته پهلوگام واقعي تي جاچ لاءِ مڪمل تيار آهي.