” پاڪ فوج تي فخر آهي“، قومي ڪرڪيٽرن جو ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ايس ايل فرنچائز لاهور قلندرز جي قائد شاهين آفريدي، فخر زمان، سميت ڪيئي ڪرڪيٽرن ڀارتي اڳرائيءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي، جن وطن جو بهادري سان دفاع ڪيو.
اوپنر فخر زمان به پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي فوج تي ناز آهي، اسين هڪ قوم آهيون،” پاڪستان زنده آباد.“
ان کانسواءِ عبدالله شفيق، زمان خان ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن محمد حفيظ، ڪامران اڪمل ۽ عمر اڪمل به ڀارتي اڳرائيءَ جي خلاف پاڪ فوج جي قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي فخر جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.