لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جارحيت باوجود پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جون شيڊيول ميچون معمول موجب جاري رهنديون.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ميچ اڄ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول موجب ٿيندي.
واضح رهي ته ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد، ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ٻه مسجدون شهيد ٿيون، حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿيا.
پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻي ڪاروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 30 جھاز، هڪ ڊرون ۽ ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر به تباهه ڪري ڇڏيا.
پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اڇو جهنڊو لهرائي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي.