ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي اڳوڻي چيمپيئن ٽيم ممبئي انڊينز جو حصو رهندڙ ڪرڪيٽر شيوالڪ شرما کي لڄالٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 26 ورهين جي شيوالڪ شرما کي راجسٿان پوليس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان کيس عدالتي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ عورت طرفان الزام لڳايو ويو آهي ته شيوالڪ شاديءَ جو ڪوڙو واعدو ڪري جسماني لاڳاپا قائم ڪيا، ٻنهي جي ملاقات ٻه سال اڳ وڊودرا ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ فون تي رابطو جاري رهيو.
شيوالڪ شرما کي گذريل ايڊيشن ۾ ممبئي انڊينز 20 لک رپين ۾ خريد ڪيو هو، پر کيس ڪنهن به ميچ ۾ موقعو نه مليو ۽ گذريل سال ميگا نيلامي کان اڳ کيس ٽيم مان رليز ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته شيوالڪ اڳوڻن ڪرڪيٽرن هاردِڪ ۽ ڪرنال پانڊيا سان گڏ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ به کيڏي چڪو آهي.