ڀارتي ٽيم ۾ تبديليءَ جي گونج، روهت ۽ بُمرا جي مستقبل تي سوال اُٿڻ لڳا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ قيادت جي تبديليءَ جون خبرون هڪ ڀيرو ٻيهر زور پڪڙي رهيون آهن، جڏهن ته بي سي سي آءِ طرفان انگلينڊ خلاف ايندڙ پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ اهم فيصلا ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.
هن وقت روهت شرما ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان آهي، پر سندس عمر ۽ ان فارميٽ ۾ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هيءَ ڊگهي فارميٽ ۾ سندس آخري وڏي سيريز ثابت ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته آسٽريليا خلاف بارڊر گواسڪر ٽرافي جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ روهت شرما پاڻ آرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، سندس جاءِ تي فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي ٽيم جي قيادت سونپي وئي هئي.
نائب ڪپتان جسپريت بمرا کي به ورڪ لوڊ ۽ انجري سبب قيادت واري ذميواريءَ مان آجو ڪرڻ امڪان آهي، جڏهن ته نوجوان بيٽر شُڀمَن گِل ۽ وڪيٽ ڪيپر رشڀ پنت جا نالا نائب ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار طور سامهون آيا آهن.
ذريعن موجب، سليڪٽر ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2027ع کي نظر ۾ رکندي ٽيم جي قيادت ڪنهن نوجوان رانديگر کي سونپڻ نوجوان جا حامي آهن.
ان کانسواءِ اڳوڻو ڪپتان سنيل گواسڪر به ٽيم ۾ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ زور ڏنو آهي.
انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز 20 جون تي هيڊنگلي ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته آخري ٽيسٽ 4 آگسٽ تي دي اوول ۾ کيڏي ويندي.
ڀارتي ٽيم جو باظابطا اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو ۽ قيادت ۾ ڦيرڦار سان ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.