ملتان سلطان جي بدترين ڪرڪردگي، ڪوچ معافي گُهري ورتي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي 25هين ميچ ۾ پشاور زلمي هٿان 7 وڪيٽن سان شڪست کانپوءِ، ملتان سلطانز جي بيٽنگ ڪوچ جولين ووڊ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جولين ووڊ چيو ته اسان لڳاتار ٽِين ميچ هارائي ۽ جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن انهن مان قطعي خوش ناهيون.
هن چيو ته اسان جون 4 کان 5 وڪيٽون شروعاتي اوورن ۾ ئي ڪِري پيون، جنهن سبب اسان ميچ تي پڪڙ ڪمزور ٿي ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين.
سندس چوڻ هو ته جڏهن توهان لاڳيتو ميچون هارائيندا آهيو ته ٽيم ۾ تبديلين جو عمل شروع ٿي ويندو آهي، پر ڪا به ٽيم سدائين سٺي ڪارڪردگي نه ٿي ڏيکاري سگهي، بدقسمتيءَ سان اسان پهرين ميچ هارائڻ کان پوءِ پاڻ سنڀالي نه سگهياسين.
جولين ووڊ ڪرڪيٽ شوقينن کان معذرت ڪندي چيو ته اسين سندن اميدن تي پورو نه لهي سگهيا آهيون ۽ سٺا نتيجا نه ڏيڻ تي افسوس آهي.
ياد رهي ته پي ايس ايل جي جاري ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز رڳو هڪ ڪاميابي ماڻي سگهي، هن لاھور قلندرز کي 33 رنسن سان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته باقي هڙني ميچن ۾ ان کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.