ورلڊ ڪپ جي تياري، پاڪ-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز جو شيڊيول پڌرو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) پاڪ-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون، فيصل آباد 17 سالن کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ جي ميزباني ڪندو.
شيڊيول موجب، شروعاتي ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچون 25 ۽ 27 مئي تي فيصل آباد ۾ جڏهن ته باقي ٽئي ميچون 30 مئي، پهرين جون ۽ 3 جون تي لاهور ۾ ٿينديون.
واضح رهي ته پهريان بنگلاديش کي ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو، پر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين کي نظر ۾ رکندي ون ڊي ميچن بدران ٻه واڌو ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.