اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايئر فورس جي خوف جو شڪار ڀارتي رافيل جهاز واپس فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب 29 ۽ 30 اپريل جي رات ڀارتي ايئر فورس جي 4 رافيل جهازن ڀارتي جاگرافيائي حدن ۾ رهندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پيٽرولنگ ڪئي.
پاڪستان ايئر فورس جي جهازن فوري طور ڀارتي ايئر فورس جي جنگي جهازن جي نشاندهي ڪئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فضائيا جي وقت سر ڪارروائي تي ڀارتي رافيل جهاز واپس هليا ويا.
سيڪيورٽي زريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
You might also like